آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو مور فقير هو. اکيون کولڻ سان سندس واسطو سُر ۽ تال سان پيو، ان لاءِ پڙهي ڪو نه سگهيو. هن راڳ جي شروعاتي سکيا پنهنجي چاچن الهڏني فقير ۽ امين فقير کان حاصل ڪئي، جيڪي ان وقت پنهنجي تَـرَ ۾ راڄ ڀاڳ وارا ۽ ناميارا ڪلاسيڪل شرنائي نواز هئا. ان کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي ڪلاسيڪل راڳين استاد ملڪ مظهر خان، ڪلو ڀائي ۽ محمد رمضان کان راڳ جي سکيا ورتائين. هن کي موسيقيءَ جا وڏا قدردان مليا، جن ۾ غلام رسول شاهه جيلاني ميرپورخاص وارو، ملوڪ شاهه بڪيرن وارو، خادم علي شاهه، سالڪ لاکو ۽ حاجي لکانو ڪوري وغيره اچي وڃن ٿا. جن سندس قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي. هن سنگيت جي کيتر ۾ خاص طور شرنائيءَ جي ميدان ۾ نوان تجربا ڪيا. سندس اوطاق سنگيت اڪيڊمي لڳندي هئي. مڱڻهارن جي ڪاڄن ۾ سرن ۽ سازن جي چٽاڀيٽيءَ دوران سنڌ جا نالي وارا جوڙ هڪ ٻئي پٺيان ميدان مارڻ لاءِ حيلا هلائيندا هئا. آچر فقير جي زندگيءَ ۾ اهڙين چٽا ڀيٽين جا ڪيترائي مرحلا آيا، پر ڪڏهن به ڪنهن کانئس کٽڻ ته پري رهيو، پر همعصري جي به دعوا نه ڪئي. آچر فقير نه رڳو شرنائي وڄائڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو، پر هن گائڪيءَ ۾ به ڪمال حاصل ڪيو. سندس اوطاق تي وقت جا وڏا وڏا خانصاحب اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، جن ۾: استاد منظور علي خان، استاد اميد علي خان، استاد امانت علي خان،
استاد محمد جمن، شادي فقير، استاد نياز حسين وغيره قابل ذڪر آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون پڻ جاري ٿيون. هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.00.00  عيسوي

آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو ، سندس اصل نالو مور فقير هو .


1998.00.00  عيسوي

آچر فقير مڱڻهار: هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخاري
محمد صالح راهوجو
خواجه محمد سعيد
پير احسان الله شاهه راشدي
انور جوکيو
قادر بخش مگسي ڊاڪٽر
برنس جيمس
جکراڻي عرض محمد
عبدالقيوم چنا
حاجي علي انور کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون